شيخ ابو تراب جي مزار

شيخ ابو تراب جي مزار

شيخ ابو تراب جي مزار

شيخ ابو تراب جي مزار (ماڳ): هي ماڳ ٺٽي کان 12 ميلن جي پنڌ تي ‘گجي’ جي ڀرسان آهي، هي مزار شاهي سڙڪ کان ڏسڻ ۾ ايندو آهي. هن کان ڪراچي شهر اٽڪل 50 ميل پري ٿيندو. محمد بن قاسم کانپوءِ سنڌ تي ڌار ڌار گورنر مقرر ٿيندا آيا. جن ۾ بنو اميه جا نواب 93هه / 711ع کان 132هه/749ع تائين رهيا. بنو اميه جي نوابن کان پوءِ بنو عباس وارن جي حڪومت شروع ٿي، عباسي خليفي 13 ربيع الثاني 133 هجري/ 25 ڊسمبر 749ع تي پنهنجو هڪ لشڪر موڪلي بنو اميه جي آخري نواب کي شڪست ڏني. اهڙيءَ طرح بنو اميه جي نوابن چاليهه سال حڪومت ڪئي. عباسين جا نواب سنڌ ۾ 133هه/ 750ع کان 255هه/ 869ع تائين رهيا. خليفي هارون الرشيد جي زماني ۾ موسى بن يحيى برمڪي سنڌ جو نواب مقرر ٿي آيو، جنهن کي جلد واپس گھرايو ويو ۽ سندس جاءِ تي علي بن عيسى بن ماهان کي موڪليو ويو. هن جي ڏينهن ۾ ابو تراب ‘ٿرڙيءَ جو قلعو’ هٿ ڪيو. هن مان واضح ٿئي ٿو ته شيخ ابوتراب ٻئين صدي هجريءَ جي آخري ٻن ڏهاڪن ۾ سنڌ ۾ آيو هو. شيخ ابو تراب جو اصل نالو ربيع بن صبيح هو. تاريخدانن هن کي تبع تابعي ڪري لکيو آهي. عام طور سنڌ ۾ شيخ حاجي ابو تراب جي نالي سان ڄاتو وڃي ٿو. سندس مزار گجي شهر کان ٽي ميل ڏکڻ ۾ ٿرڙيءَ جي ڀر ۾ آهي. ڪتبي تي وفات جو سال 171هه/788ع لکيل آهي. انهيءَ حساب سان سندس مزار سنڌ ۾ پراڻي ۾ پراڻي مزار تسليم ڪيل آهي. سمن جي حاڪميت وقت ڄام جوڻي پنهنجي دور 782هه/1380ع ڌاري مٿس روضو ٺهرايو، شيخ ترابيءَ جي ڀرسان شيخ قندز راني، لال جوان، پير دادن، قبول حبشي، ڇتي مشائخ ۽ پير ڪپور جون قبرون پڻ موجود آهن. ابو تراب جي مزار'>شيخ ابو تراب جي مزار جو ڪتبو هن وقت سنڌ ميوزيم، حيدرآباد ۾ محفوظ آهي. ابو تراب جي مزار'>شيخ ابو تراب جي مزار جي بلڪل سامهون اتر طرف ۽ ٿرڙيءَ واري قلعي جي سامهون اولهه طرف هڪ قديم دور جي تحرير ملي ٿي، جنهن لاءِ لسانيات جا ماهر چون ٿا ته، موهن جي دڙي کان به پراڻي آهي. جنهن ڳوٺ ۾ مقبرو آهي، ان کي گجو ڳوٺ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، جيڪو ناري ۽ لتي شهر جي برباد ٿيڻ بعد انهيءَ جاءِ تي آباد ٿيو.


لفظ شيخ ابو تراب جي مزارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو